1.تواريخ 17:27 - Muslim Sindhi Bible27 هاڻي تو پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي کي برڪت ڏني آهي، تہ اهو تنهنجي حضور ۾ هميشہ تائين قائم رهي. جيئن تہ اي خداوند! تو کيس برڪت ڏني آهي، تنهنڪري بيشڪ اهو هميشہ سڳورو رهندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible27 ۽ هاڻي توکي قبول پيو آهي تہ پنهنجي ٻانهي جي گهر کي برڪت ڏين، تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين قائم رهي: ڇالاءِ جو، اي خداوند، تو برڪت ڏني آهي، ۽ تنهنڪري اُهو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهن هوندي بہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا، منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي مان مون کي چونڊيو تہ جيئن آءٌ هميشہ تائين بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪريان. پهريائين هن يهوداہ قبيلي کي اڳواڻ طور چونڊيو، پوءِ يهوداہ جي گھراڻن مان منهنجي پيءُ جي گھراڻي کي چونڊيائين ۽ ان سڄي گھراڻي مان هن بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو.