Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن آءٌ تنهنجو نسل تنهنجي پٽن مان هلائيندس ۽ منجھانئن هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجي پٽن مان ٿيندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ سندس بادشاهت قائم ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ تہ جڏهن توهان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهندا تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان مجرم ليکيا وينداسون.“


دائود وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو. کيس سندس ئي شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


تنهن هوندي بہ تون اهو گھر جوڙائي نہ سگھندين، بلڪ تنهنجو پٽ جيڪو تنهنجو ئي هڏ رت هوندو سو منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائيندو.‘


سو خداوند هاڻ پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو آهي. آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جو جاءِ‌نشين بڻيو آهيان ۽ بني اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان. مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي نالي تي اهو گھر جوڙايو آهي.


هائو، انهن ڏينهن ۾ جڏهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان رهبر مقرر ڪيا هئا. آءٌ تنهنجا دشمن تنهنجي اڳيان پڻ جھڪائيندس. تنهن کان سواءِ آءٌ تو تي پڌرو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو مان هڪڙو گھراڻو قائم ڪندس.


اِهو ئي آهي، جيڪو منهنجي لاءِ گھر تعمير ڪندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.


جيئن تہ هن مون کي گھڻا ئي پٽ ڏنا آهن، سو منهنجي سڀني پٽن مان هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو بني اسرائيل مٿان خداوند جي سلطنت جي تخت تي ويهي.


بيشڪ، اسين تنهنجي نظر ۾ مهمان ۽ مسافر آهيون، جيئن اسان جا ابا ڏاڏا هئا. اسان جي عمر هن دنيا ۾ پاڇي وانگر آهي، جيڪا هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندي.


جڏهن هن وفات ڪئي تڏهن هو تمام پوڙهو هو. هن وڏي ڄمار، دولت ۽ عزت ماڻي. هن بعد سندس پٽ سليمان تخت‌نشين ٿيو.


تنهن هوندي بہ تون اهو گھر جوڙائي نہ سگھندين، بلڪ تنهنجو پٽ جيڪو تنهنجو ئي هڏ رت هوندو سو منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائيندو.‘


انهيءَ سبب جو تو سچائيءَ سان دائود سان قسم کنيو هو، جنهن کان تون ڪڏهن نہ ڦرندين تہ ”تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان ئي هڪ کي تخت عطا ڪندس.


اي خداوند! شل آسمانن ۾ تنهنجي معجزن جي تعريف ڪئي وڃي. هائو، شل آسمان وارا تنهنجي وفا جي واکاڻ پيا ڪن.


انهيءَ سبب جو مون خداوند اهو واعدو ڪيو آهي تہ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود جي نسل ۾ مردن جي کوٽ نہ ٿيندي.


خدا پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي ڏاڏي دائود بابت کُليو کُلايو ٻڌايان ٿو تہ هو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آهي.


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ