1.تواريخ 16:3 - Muslim Sindhi Bible3 پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن، مردن توڙي عورتن کي هڪڙي هڪڙي ماني، هڪڙو پڪل گوشت جو ٽڪرو ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ۽ هن سڄيءَ قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، مردن توڙي زالن مان، هرهڪ کي هڪڙي ماني، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ انهيءَ حڪمران جو اهو فرض ٿيندو تہ هر عيد، نئين چنڊ ۽ هر سبت جي موقعي تي بلڪ بني اسرائيل قوم جي سڀني مقرر ڏينهن تي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ اوتڻ واريون قربانيون مهيا ڪري. تنهن کان علاوہ بني اسرائيل قوم جي گناهن جي ڪفاري لاءِ هن کي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون، اناج جون قربانيون، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون مهيا ڪرڻيون پونديون.“
خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“