Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 16:28 - Muslim Sindhi Bible

28 اي دنيا جون سڀيئي قومون! خداوند جي واکاڻ ڪريو، اوهين سندس قدرت ۽ عظمت جي واکاڻ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 اي سڀ قومون، خداوند جي، خداوند جي جلال ۽ قدرت جي تعريف ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 16:28
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ عظمت ۽ حشمت هن جي ئي حضور ۾ آهن، ۽ طاقت ۽ خوشي بہ سندس مقدس ترين جاءِ ۾ آهن.


اوهين خداوند جي نالي جي لائق سندس عظمت واکاڻيو. اوهين هيڪل ۾ اچي سندس حضور ۾ نذرانا پيش ڪريو. اوهين پاڪيزگيءَ جي حسن سان خداوند کي سجدو ڪريو.


شال قومون خوشيون ڪن ۽ سرهائيءَ جا گيت ڳائين! ڇوجو تون سچائيءَ سان ماڻهن جو انصاف ڪرين ٿو، ۽ ڌرتيءَ جي سڀني قومن جي رهنمائي ڪرين ٿو.


بيشڪ خدا ئي اسان کي برڪت ڏني آهي. شل سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو کيس تعظيم ڏين!


اوهين خدا جي قدرت جو بيان ڪريو، جنهن جي بني اسرائيل جي ملڪ ۾ تعظيم ڪئي وڃي ٿي. سندس قدرت آسمانن مان ظاهر آهي.


اي دنيا جون سڀيئي قومون! خداوند جي واکاڻ ڪريو. اوهين سندس قدرت ۽ عظمت جي واکاڻ ڪريو.


اي ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! خداوند لاءِ خوشيءَ مان نعرا هڻو. جوش وَ جذبي سان خوشيءَ جا گيت ڳائي واکاڻ ڪريو.


انهيءَ وقت يسيءَ جي پٽ دائود جي نسل مان اهو بادشاهہ اٿي کڙو ٿيندو، جنهن جي جھنڊي هيٺ سڀيئي قومون اچي گڏ ٿينديون ۽ سندس شاهي شهر وڏي شان وارو ٿيندو.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


مطلب تہ خداوند عيسيٰ جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.


سو اوهين پنهنجي بيماريءَ وارين ڳوڙهين ۽ جيڪي ڪوئن اوهان جي فصل ۾ تباهي آندي آهي تن جا مجسما سون مان ٺاهجو. اهڙيءَ طرح اوهين بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪريو تہ من هو اوهان تان، اوهان جي معبودن تان ۽ اوهان جي ملڪ تان پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ