21 مگر خدا مٿن ڪنهن کي بہ ظلم ڪرڻ نہ ڏنو، بلڪ انهن جي خاطر هن بادشاهن کي بہ ڇينڀيو هو.
21 هن ڪنهن کي بہ مٿن ظلم ڪرڻ نہ ڏنو؛ هائو هن بادشاهن کي انهن جي خاطر جهڻڪيو.
پر خداوند ابرام جي زال سارائيءَ جي ڪري بادشاهہ ۽ سندس پوري حويليءَ کي سخت بيمارين ۾ ڦاسائي ڇڏيو.
پر رات جو خدا کيس خواب ۾ ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيڪا عورت تو پاڻ وٽ گھرائي آهي، تنهن جي ڪري تون مرندين، ڇاڪاڻ تہ اها اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي.“
پر خدا رات جو خواب ۾ لابن اراميءَ کي چيو تہ ”خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.“
اهو منهنجي وس ۾ آهي تہ آءٌ تو کي ڪنهن بہ تڪليف ۾ وجھي ڇڏيان، پر ڪالهہ رات تنهنجي پيءُ جي خدا مون کي چيو تہ ’خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.‘
جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، ابراهيم جو خدا جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، مون سان نہ هجي ها تہ توهين مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪريو ها. خدا منهنجو ڏک ۽ منهنجي هٿن جي محنت ڏسي ڪالهہ رات توهان کي ڇينڀيو آهي.“
انهيءَ وقت هو هڪڙي قوم کان ٻيءَ قوم ڏانهن ڀٽڪندا رهندا هئا، هائو، اهي هڪڙي بادشاهت کان ٻيءَ ڏانهن پيا ڀٽڪندا هئا.
اهو سڀ ڪجھہ سندن مغروريءَ جي ڪري ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هنن قادرمطلق خداوند جي قوم جي بيعزتي ڪئي، ۽ ساڻن مغروريءَ سان هليا.