Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 16:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جڏهن دائود قربانيون پيش ڪري چڪو، تڏهن هن خداوند جي نالي سان ماڻهن کي دعا ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جڏهن دائود سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي بس ڪيون، تڏهن هن خداوند جي نالي سان ماڻهن کي برڪت ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 16:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ابرام کي دعا ڪندي چيو تہ ”خدا تعاليٰ جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي، تنهن جي تو تي برڪت هجي.


پر هاڻ اها زال سندس مڙس کي موٽائي ڏي. هو نبي آهي. هو تو لاءِ دعا گھرندو ۽ تون نہ مرندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏ تہ تون ۽ تنهنجا سڀ ماڻهو ضرور مرندا.“


پوءِ يعقوب موڪلائڻ وقت فرعون لاءِ خير جي دعا گھري وٽانئس ٻاهر نڪري آيو.


پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي اندر وٺي آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريو. يعقوب فرعون لاءِ خير جي دعا گھري.


جڏهن هن اهي قربانيون پيش ڪري بس ڪئي، تڏهن قادرِمطلق خداوند جي نالي سان ماڻهن کي دعا ڪيائين.


هنن خدا جي عهد واري صندوق اندر آڻي انهيءَ تنبوءَ جي وچ ۾ رکي، جيڪو دائود انهيءَ لاءِ کوڙيو هو. پوءِ هنن خدا جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن، مردن توڙي عورتن کي هڪڙي هڪڙي ماني، هڪڙو پڪل گوشت جو ٽڪرو ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني.


جڏهن قرباني پيش ٿي چڪي تڏهن بادشاهہ ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ حاضر هئا تن سڀني جھڪي سجدو ڪيو.


تنهن کان پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اُٿي بيهي ماڻهن لاءِ دعا گھري. سندن دعا خدا جي عرش عظيم تائين وڃي پهتي ۽ خدا انهن جي دعا قبول ڪئي.


پوءِ انهيءَ حڪمران جو اهو فرض ٿيندو تہ هر عيد، نئين چنڊ ۽ هر سبت جي موقعي تي بلڪ بني اسرائيل قوم جي سڀني مقرر ڏينهن تي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ اوتڻ واريون قربانيون مهيا ڪري. تنهن کان علاوہ بني اسرائيل قوم جي گناهن جي ڪفاري لاءِ هن کي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون، اناج جون قربانيون، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون مهيا ڪرڻيون پونديون.“


جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.


انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاهون هوندو آهي.


جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ