18 جڏهن يعقوب کي فرمايائين تہ ”آءٌ تو کي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تانتہ اهو ملڪ تنهنجي ميراث ٿئي.“
18 ۽ چيائين تہ آءٌ توکي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تہ تنهنجو موروثي حصو ٿئي:
اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربانگاهہ ٺاهي.
جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو سو سمورو آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ اهو هميشہ لاءِ اوهان جي ملڪيت هوندو.
آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“
انهيءَ وقت بني يعقوب بلڪل ئي ٿورا هئا، ۽ جنهن ملڪ ڪنعان ۾ هو رهيا ٿي تنهن ۾ ڌاريا هئا.
پوءِ جڏهن خداوند جو پنهنجيءَ قوم کي سندن ملڪيت موٽائي ڏيڻ جو وقت ايندو، تڏهن انهن اميرن مان ڪنهن کي بہ حصو نہ ملندو.
جڏهن خدا تعاليٰ بني آدم کي جدا جدا قومن ۾ ٿي ورهايو، تڏهن انهن کي الڳ الڳ ملڪ ورثو ڪري ٿي ڏنائين. هائو، هر معبود جي قوم کي پنهنجو پنهنجو حصو مقرر ٿي مليو.