انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،
تون انهيءَ ئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهہ. آءٌ تو سان هوندس ۽ تو کي برڪت ڏيندس. آءٌ هي سمورو ملڪ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابراهيم سان کنيو هو سو پورو ڪندس.
جڏهن دائود بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ عوبيدادوم جي گھراڻي ۽ ساڻس واسطو رکندڙ سڀني شين کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق جي ڪري برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هو ويو ۽ عوبيدادوم جي گھر مان خدا جي عهد واري صندوق خوشيون ملهائيندي پنهنجي شهر يروشلم ۾ کڻي آيو.
تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.
اوهين انهن نبين جا وارث ۽ انهيءَ عهد جا شريڪ آهيو جيڪو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابراهيم کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘
پر خداوند جيئن تہ اوهان سان پيار ٿي ڪيو ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو سو پورو ڪرڻ ٿي چاهيائين، تنهنڪري هن پنهنجي زورآور هٿ سان اُتان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، جتي اوهين غلام هئا. هن اوهان کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي چنبي مان ڇڏايو.