11 اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو، اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.
11 خداوند ۽ سندس قدرت جي ڳولا ڪريو؛ سدائين سندس ديدار جا طالب رهو.
اوهين هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪندا رهو، ڀل تہ انهن سڀني جون دليون خوش ٿين، جيڪي خداوند جا طالبو آهن.
هاڻ اي خداوند خدا! تون پنهنجي قدرت واري نشان يعني عهد واري صندوق سميت، پنهنجي آرامگاهہ ۾ هلي اچ. اي خداوند خدا! شل تنهنجا ڪاهن سچائيءَ جي برڪت سان ڀرپور رهن. شل تنهنجا نيڪ بندا تنهنجي ڀلائيءَ جي ڪري خوشيون ملهائين.
هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي خدا جا طالبو آهن، هائو، جيڪي يعقوب جي خدا جي ديدار جا طالبو آهن.
گھڻا ئي آهن جيڪي انساني ڀلائي چاهين ٿا. پر اي خداوند! آءٌ تنهنجي ڪرم جي نگاهہ جو طالبو آهيان.
شال خدا اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي برڪت عطا ڪري! شال هو اسان تي پنهنجي ڪرم جي نظر فرمائي!
اي خدا! تون پنهنجيءَ مقدس جاءِ ۾ ڪيڏو نہ هيبتناڪ آهين، اي بني اسرائيل جا خدا! تون پنهنجيءَ قوم کي زور ۽ طاقت بخشين ٿو. شال خدا سڳورو هجي.
پوءِ هن پنهنجي عهد واري صندوق کي دشمنن جي هٿن ۾ وڃڻ ڏنو، جيڪا سندس طاقت ۽ عظمت جي نشاني هئي.
اهي زيارتي جڏهن ماتم نالي خشڪ واديءَ ۾ پهچن ٿا تہ انهيءَ مان بہ چشما وهي نڪرن ٿا، بلڪ آڳاٽو مينهن انهيءَ کي برڪتن سان ڀري ٿو ڇڏي.
سو اي اسرائيل وارؤ! اوهين خداوند جا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو. جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ هو بيتايل بلڪ اوهان جي سڄي ملڪ ۾ باهہ وانگر ڪاهي پوندو، ۽ اوهان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو. ڪوبہ انهيءَ باهہ کي وسائي نہ سگھندو.