Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 16:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هنن خدا جي عهد واري صندوق اندر آڻي انهيءَ تنبوءَ جي وچ ۾ رکي، جيڪو دائود انهيءَ لاءِ کوڙيو هو. پوءِ هنن خدا جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هنن خدا جي صندوق اندر آڻي، جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ رکي: ۽ هنن خدا جي اڳيان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 16:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ سليمان جاڳيو ۽ محسوس ڪيائين تہ خداوند اهو سڀ ڪجھہ ساڻس خواب ۾ ڪيو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو ۽ اچي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي سڀني عملدارن جي دعوت ڪئي.


پوءِ بادشاهہ سليمان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جي حضور ۾ قربانيون پيش ڪيون.


دائود پنهنجي لاءِ ”دائود جي شهر“ ۾ گھر تعمير ڪرايا. هن خدا جي عهد واري صندوق لاءِ پڻ هڪڙي جاءِ تيار ڪرائي، جتي انهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.


هن کين چيو تہ ”اوهين لاوي گھراڻن جا وڏا آهيو. اوهين پاڻ کي ۽ پنهنجن لاوي ڀائرن کي پاڪ ڪريو ۽ پوءِ وڃي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکو جيڪا مون ان لاءِ تيار ڪئي آهي.


سو دائود بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ سڏايا، تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکن جيڪا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪرائي هئي.


جڏهن دائود قربانيون پيش ڪري چڪو، تڏهن هن خداوند جي نالي سان ماڻهن کي دعا ڪئي.


لاويءَ جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.


پر عهد واري صندوق يروشلم ۾ هڪڙي تنبوءَ ۾ رکيل هئي، جيڪو سليمان جي پيءُ دائود تڏهن کوڙيو هو جڏهن اها صندوق قريت‌يعريم مان آندي هئائين.


سو هاڻ اُٿ، اي خداوند! پنهنجي نئين آرام‌گاهہ ۾ هل، پنهنجي قدرت واري صندوق سان انهيءَ هيڪل ۾ داخل ٿيءُ.


هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: انهيءَ جي چرٻي، سڄي دنب پٺ جي هڏي تائين جدا ڪيل، آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ