1.تواريخ 15:29 - Muslim Sindhi Bible29 جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر ۾ داخل ٿي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي، تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيئن تہ خدا جي عهد واري صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي ئي هئي ۽ فينحاس جيڪو هارون جو پوٽو ۽ اليعزر جو پٽ هو سو انهيءَ جي سنڀال ڪندو هو، تنهنڪري بني اسرائيل اتي وڃي خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجي همقوم بني بنيامين سان هڪ دفعو وري جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃون يا نہ؟“ تڏهن خداوند کين ورندي ڏني تہ ”وڃو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي آءٌ اوهان کي هنن تي فتح ڏيندس.“