Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 15:28 - Muslim Sindhi Bible

28 سو بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندي ۽ نفيلون، شرنايون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي خداوند جي عهد واري صندوق يروشلم ۾ کڻي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 انهيءَ طرح سڀني اسرائيلين نعرا هڻي ۽ زور سان ناد ۽ تريون، جهانجهہ، تنبورا ۽ بربط وڄائيندي، خدا جي عهدنامي جي صندوق آندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 15:28
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح دائود ۽ سڄي بني اسرائيل جي ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هڻندي ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي صندوق آندي.


دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو دڦ، کنجريون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا، جوش وَ خروش سان خداوند جي حضور ۾ نچندا ۽ ڳائيندا پئي هليا.


جڏهن تہ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي پوري جوش سان خدا جي حضور ۾ خوشيءَ وچان نچندا، گيت ڳائيندا ۽ دڦ، ٽليون شرنايون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا ٿي هليا.


دائود لاوين جي اڳواڻن کي چيو تہ هو پنهنجن لاوي ڀائرن مان ڪي ڳائڻا مقرر ڪن، تہ جيئن اهي دنبورن، سارنگين ۽ ٽلين جا ساز وڄائي وڏي آواز سان خوشيءَ جا گيت ڳائين.


شبنياہ، يهوسفط، نتني‌ايل، عماسي، زڪرياہ، بناياہ ۽ اليعزر جيڪي ڪاهن هئا، سي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شرنايون وڄائڻ تي مقرر ڪيا ويا. عوبيدادوم ۽ يحياہ عهد واري صندوق لاءِ پڻ دربان ٿيا.


دائود کي توڙي صندوق کڻي هلڻ وارن سڀني لاوين، سڀني ڳائڻن ۽ ڳائڻ وارن جي اڳواڻ ڪنانياہ کي عمدي سڻيءَ جا جبا پهريل هئا. دائود کي سڻيءَ جو مذهبي وڳو پڻ پهريل هو.


جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر ۾ داخل ٿي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.


دائود ۽ لاوي اڳواڻن گڏجي آسف، هيمان ۽ يدوتون کي سندن پٽن سميت سندن گھراڻن مان خدمت لاءِ چونڊي ڌار ڪيو تہ هو هيڪل ۾ سارنگيون، دنبورا ۽ ٽليون وڄائڻ سان خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائين. انهن خدمت ڪرڻ وارن جي فهرست ۽ سندن خدمت هي آهي:


يروشلم شهر جي ڀتين جي وقف ڪرڻ وقت لاوين کي سندن رهڻ وارن هنڌن تان ڳولي يروشلم ۾ آندو ويو، تہ جيئن هو يروشلم ۾ حاضر ٿي وقف ڪرڻ واري انهيءَ رسم کي خوشيءَ ۽ شڪرگذاريءَ سان ٽلين ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي بجا آڻين.


خدا سڄيءَ دنيا جو بادشاهہ آهي، سو سندس تعريف ڳايو، هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اوهين پنهنجي انهيءَ بادشاهہ جي تعريف ڳايو، هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اوهين گيتن ڳائڻ سان خدا جي واکاڻ ڪريو.


اڳيان اڳيان ڳائڻ وارا ۽ پٺيان پٺيان وڄائڻ وارا آهن، وچ ۾ ڪنواريون ڇوڪريون آهن جيڪي دڦ ٿيون وڄائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ