23 برڪياہ ۽ القانہ عهد واري صندوق لاءِ دربان مقرر ٿيا.
23 ۽ برڪياہ، ۽ القانہ، صندوق لاءِ دربان هئا.
”تون سردار ڪاهن خلقياہ وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند جي گھر ۾ ماڻهن جا آندل پئسا، جيڪي هيڪل جي دربانن ماڻهن کان وٺي گڏ ڪيا آهن، تن جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي.
بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو.
تڏهن هو واپس موٽيا ۽ اچي شهر جي دربانن کي سڏ ڪري کين ٻڌايائون تہ ”اسين ارامين جي خيميگاهہ ۾ ويا هئاسون ۽ ڏٺوسون تہ اتي ڪوبہ ڪونہ هو. هائو، ڪوبہ انساني آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ ٿي آيو. رڳو گھوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا ۽ تنبو بہ جيئن جو تيئن کوڙيل هئا.“
ڪنانياہ جيئن تہ ڳائڻ ۾ ماهر هو، سو هو راڳ ڳائيندڙ لاوين جو نگران مقرر ٿيو ۽ راڳ جو سر ڪڍندو هو.
شبنياہ، يهوسفط، نتنيايل، عماسي، زڪرياہ، بناياہ ۽ اليعزر جيڪي ڪاهن هئا، سي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شرنايون وڄائڻ تي مقرر ڪيا ويا. عوبيدادوم ۽ يحياہ عهد واري صندوق لاءِ پڻ دربان ٿيا.
يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.
سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو ۽ پوءِ هن اُٿي خداوند جي گھر جا دروازا کوليا. هو عيليءَ کي انهيءَ رويا جي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڊنو ٿي،