1.تواريخ 15:14 - Muslim Sindhi Bible14 تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق مٿي کڻي اچڻ لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اتي جيڪي بہ ڪاهن هئا تن صندوق کڻي اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل واري جي لحاظ کان سواءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو هو. هيڪل جي سمورن لاوي ڳائڻن، يعني آسف، هيمان، يدوتون ۽ سندن پٽن ۽ مائٽن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پهريل هئا. اهي قربانگاهہ جي اوڀر پاسي بيٺا هئا ۽ ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائي رهيا هئا. انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن شرنايون پئي وڄايون. شرناين، ٽلين ۽ ٻين سازن وڄائڻ وارن سان گڏجي سڀيئي ڳائڻ وارا بلند آواز سان خداوند جي تعريف ۾ چئي رهيا هئا تہ ”خداوند جي واکاڻ هجي، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ جڏهن ڪاهن مقدس جاءِ مان نڪري آيا، تڏهن خداوند جو گھر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.