Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 15:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اڳئين ڀيري جڏهن اوهان پاڻ انهيءَ کي نہ کنيو هو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڏمريو هو، ڇاڪاڻ تہ اسان کانئس پڇا ڪانہ ڪئي هئي تہ اها ڪهڙيءَ طرح کڻي هلون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو جڏهن اوهان پهريون دفعو انهيءَ کي نہ کنيو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڪڙڪي پيو، ڇو جو اسان قانون موجب کيس نہ ڳوليو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 15:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هنن اها صندوق ابينداب جي گھر مان ڪڍي، جيڪو ٽڪريءَ تي اڏيل هو. هنن اها هڪڙي نئين گاڏيءَ تي آڻي رکي. پوءِ ابينداب جا پٽ عُزہ ۽ اخيو انهيءَ نئين گاڏيءَ کي ڪاهي آيا.


پوءِ اسين هلي پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي اچون، ڇاڪاڻ تہ سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کي نظرانداز ڪيو هو.“


پوءِ دائود چيو تہ ”لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي عهد واري صندوق نہ کڻي اچي، ڇاڪاڻ تہ اهي لاوي ئي آهن جن کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق کڻڻ ۽ هميشہ تائين انهيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو.“


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


پر موسيٰ بني قهات کي ڪابہ گاڏي يا ڪوبہ ڏاند ڪونہ ڏنو، ڇو تہ جيڪي مخصوص شيون سندن ذميواريءَ ۾ هيون سي کين ڪلهن تي کڻڻيون هيون.


آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو.


پر اهو لازمي آهي تہ سڀيئي ڳالهيون فضيلت ۽ ترتيب سان ڪيون وڃن.


موسيٰ هيءَ شريعت لکي، بني لاوي ڪاهنن کي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ