1.تواريخ 15:12 - Muslim Sindhi Bible12 هن کين چيو تہ ”اوهين لاوي گھراڻن جا وڏا آهيو. اوهين پاڻ کي ۽ پنهنجن لاوي ڀائرن کي پاڪ ڪريو ۽ پوءِ وڃي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکو جيڪا مون ان لاءِ تيار ڪئي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين لاوين جي ابن جي گهراڻن جا سردار آهيو: اوهين پاڻ ۽ پنهنجن ڀائرن کي مخصوص ڪريو، تہ وڃي خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق انهيءَ جاءِ تي، جا مون تيار ڪئي آهي، کڻي اچو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اتي جيڪي بہ ڪاهن هئا تن صندوق کڻي اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل واري جي لحاظ کان سواءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو هو. هيڪل جي سمورن لاوي ڳائڻن، يعني آسف، هيمان، يدوتون ۽ سندن پٽن ۽ مائٽن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پهريل هئا. اهي قربانگاهہ جي اوڀر پاسي بيٺا هئا ۽ ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائي رهيا هئا. انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن شرنايون پئي وڄايون. شرناين، ٽلين ۽ ٻين سازن وڄائڻ وارن سان گڏجي سڀيئي ڳائڻ وارا بلند آواز سان خداوند جي تعريف ۾ چئي رهيا هئا تہ ”خداوند جي واکاڻ هجي، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ جڏهن ڪاهن مقدس جاءِ مان نڪري آيا، تڏهن خداوند جو گھر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.