تڏهن دائود خدا کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي حملو ڪريان؟ ڇا تون مون کي مٿن فتح ڏيندين؟“ خداوند کيس وراڻيو تہ ”وڃ مٿن حملو ڪر، آءٌ تو کي انهن تي فتح ڏيندس.“
تڏهن اسرائيل ملڪ جو حال اهڙي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن ۾ بيٺل فصل جو اهڙيءَ طرح لابارو ڪيو ويو هجي، جو ان ۾ هڪڙو سنگ بہ نہ ڇڏيو ويو هجي. هائو، ان جو حال رفائين جي ماٿريءَ جي اهڙي سکڻي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن مان سنگ ميڙي ان کي خالي ڪيو ويو هجي.