3 يروشلم ۾ دائود وڌيڪ زالون پرڻيو ۽ کيس گھڻا ئي پٽ ۽ ڌيئرون پيدا ٿيون.
3 ۽ دائود يروشلم ۾ وڌيڪ زالون پرڻيو: ۽ دائود کي زيادہ پٽ ۽ ڌيئرون ٿيڻ لڳيون.
حبرون مان اچڻ کان پوءِ دائود يروشلم ۾ پنهنجي لاءِ ڪيتريون ئي سريتون رکيون ۽ زالون پرڻيو، جن مان کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.
هن کي ست سؤ زالون هيون جيڪي شهزاديون هيون ۽ ٽي سؤ سريتيون هئس. هن جي زالن سندس دل کي ڦيرائي ڇڏيو.
دائود سمجھي ورتو تہ خداوند کيس بني اسرائيل تي بادشاهہ طور قائم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس بادشاهي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر بلند وَ بالا ڪئي ويئي هئي.
يروشلم ۾ جيڪي ٻار کيس پيدا ٿيا تن جا نالا هي آهن: سموعہ، سوباب، ناتن، سليمان،
جيئن تہ هن مون کي گھڻا ئي پٽ ڏنا آهن، سو منهنجي سڀني پٽن مان هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو بني اسرائيل مٿان خداوند جي سلطنت جي تخت تي ويهي.
جيڪا عورت خدا اوهان کي عطا ڪئي آهي جنهن سان اوهان کي محبت آهي، تنهن سان پنهنجي هن منجھائيندڙ زندگيءَ جا سڀ ڏينهن خوشيءَ سان گذاريو. هائو، هن دنيا اندر اوهان جي محنت مشقت واري حياتيءَ ۾ اهو ئي اوهان لاءِ ڪافي آهي.
اوهين پڇو ٿا تہ هو راضي ڇو نہ ٿو ٿئي؟ اهو انهيءَ ڪري جو خداوند ڏسي ٿو تہ اوهان پنهنجي زال سان بيوفائي ڪئي آهي، جنهن سان اوهان نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هئي. هوءَ اوهان جي ساٿي آهي جنهن سان خدا آڏو ڪيل وفاداريءَ واري واعدي کي اوهان ٽوڙي ڇڏيو آهي.
عيسيٰ وراڻيو تہ ”موسيٰ اوهان جي سختدليءَ ڪري اوهان کي اجازت ڏني تہ اوهين پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو.
بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻيون زالون نہ رکي، متان سندس دل خداوند کان ڦري وڃي، نڪي هو پاڻ وٽ گھڻو سون ۽ چاندي گڏ ڪري.