Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 14:12 - Muslim Sindhi Bible

12 فلستي پنهنجا بت اتي ئي ڇڏي ڀڄي ويا، سو دائود حڪم ڏنو تہ اهي سڀيئي بت ساڙيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هنن پنهنجا معبود اُتي ڇڏيا؛ ۽ دائود حڪم ڏنو، جنهن موجب هنن انهن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 14:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فلستي پنهنجا بت اتي ئي ڇڏي ڀڄي ويا هئا. دائود ۽ سندس ماڻهو اهي کڻي آيا.


هو اتان ٿنڀي جيان کوڙيل بت کڻي آيا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيائون.


هنن سندن معبودن کي باهہ ۾ اڇلائي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي حقيقي معبود نہ هئا، بلڪ ماڻهن جي هٿن جا جوڙيل رڳو ڪاٺ ۽ پٿر جا بوتا هئا.


سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ”خداوند منهنجي دشمنن کي منهنجي هٿان ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعل‌پراضيم پئجي ويو.


ڪجھہ وقت کان پوءِ فلستين انهيءَ ماٿريءَ ۾ وري اچي ٻيو ڀيرو ڦر شروع ڪئي.


انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


پوءِ جيڪو گابو هنن ٺاهيو هو سو ساڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ وجھي، اهو پاڻي بني اسرائيل کي پيئاريائين.


اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي.


اٽلندو اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو جو سندن قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏجو، هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن تراشيل مورتيون ساڙي ڇڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ