Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 14:1 - Muslim Sindhi Bible

1 صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن ڪجھہ قاصد موڪليا. هن دائود ڏانهن ديال جو ڪاٺ، رازا ۽ واڍا پڻ موڪليا، تہ جيئن هن لاءِ هڪ محل تعمير ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ حيرام، صور جي بادشاهہ، دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ ديودار جا وڻ، ۽ رازا، ۽ واڍا بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 14:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ ديال جي ڪاٺين مان جُڙيل محل ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“


صور ملڪ جو بادشاهہ حيرام جيڪو هميشہ دائود جو دوست رهيو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ سليمان کي مسح ڪري سندس پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن هن سليمان ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا.


سليمان بادشاهہ جبلن ۾ پٿر ٽُڪڻ لاءِ اسي هزار ماڻهو ۽ اهي پٿر ڍوئڻ لاءِ ستر هزار ماڻهو لڳايا.


اهڙيءَ طرح سليمان بادشاهہ ۽ حيرام بادشاهہ جي ڪاريگرن ۽ جِبل شهر وارن هيڪل جي لاءِ پٿرن ۽ ڪاٺ کي گھڙي تيار ڪيو.


سو هاڻي حڪم جاري ڪر تہ منهنجي لاءِ لبنان جي علائقي ۾ ديال جا وڻ وڍيا وڃن. منهنجا مزدور تنهنجي مزدورن سان همراهي ڪرائيندا ۽ آءٌ تنهنجي مزدورن جي تو کي اوتري ئي اجرت ڏيندس جيتري تون مقرر ڪندين. تو کي تہ خبر آهي تہ اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ اوهان صيدانين جهڙو هجي.“


دائود سمجھي ورتو تہ خداوند کيس بني اسرائيل تي بادشاهہ طور قائم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس بادشاهي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر بلند وَ بالا ڪئي ويئي هئي.


هاڻي دائود پنهنجي محل ۾ رهندو هو. تڏهن هڪ ڏينهن هن ناتن نبيءَ کي گھرائي چيو تہ ”ڏس، آءٌ تہ ديال جي ڪاٺ مان ٺاهيل گھر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“


دائود بادشاهہ جي حڪم مطابق بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيڪي ڌاريا ماڻهو هئا تن کي گڏ ڪري انهن مان سنگتراش مقرر ڪيا ويا تہ جيئن اهي خدا جي هيڪل لاءِ پٿر گھڙين.


انهيءَ ڪم لاءِ سليمان بادشاهہ جبلن ۾ پٿر ٽُڪڻ لاءِ اسي هزار ماڻهو ۽ اهي پٿر ڍوئڻ لاءِ ستر هزار ماڻهو مقرر ڪيا. هن ٽي هزار ۽ ڇهہ سؤ ماڻهو انهن تي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا.


سليمان صور جي بادشاهہ حيرام ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تو منهنجي پيءُ دائود سان سندس رهڻ جي لاءِ محل تعمير ڪرڻ واسطي ديال جي ڪاٺ ڏيڻ جو سودو ڪيو هو تيئن مون سان بہ سودو ڪر.


پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ