1.تواريخ 12:8 - Muslim Sindhi Bible8 بيابان واري قلعي ۾ جد قبيلي جا جيڪي مشهور ۽ تجربيڪار سپاهي دائود سان اچي شامل ٿيا هئا ۽ جيڪي ڍال ۽ نيزي جا ماهر، ڏسڻ ۾ شينهن وانگر ڪَرڙا ۽ ڊوڙڻ ۾ جابلو هرڻ وانگر تکا هئا، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 ۽ جدين مان بهادر همت وارا مرد، جن کي جنگ جي تعليم مليل هئي، ۽ جي سپر ۽ نيزو ڪم آڻي سگهندا هئا، سي ڌار ٿي بيابان ۾ قلعي منجهہ دائود وٽ آيا؛ ۽ انهن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا، ۽ اهڙا تيز هئا جهڙا جبلن تي هرڻ؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان پوءِ امصياہ يهوداہ وارن جي سڄي لشڪر کي گڏ ڪيو جنهن ۾ بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي قبيلن جا ماڻهو هئا. هن انهن ۾ سندن ابن ڏاڏن جي گھراڻن موجب، هزار هزار ۽ سؤ سؤ جا دستا بڻائي مٿن سالار مقرر ڪيا. پوءِ لشڪر ۾ ويهن سالن ۽ ان کان مٿي جي عمر وارن جو شمار ڪيو ويو تہ انهن ۾ ٽي لک چونڊيل جوان جنگ جي لائق ۽ نيزي ۽ ڍال کڻڻ جهڙا هئا.