Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 12:40 - Muslim Sindhi Bible

40 ويجھن قبيلن کان علاوہ ڏورانهن قبيلن اِسڪار، زبولون ۽ نفتاليءَ کان وٺي ماڻهن گڏهہ، اٺ، خچر ۽ ڍڳا پئي آندا جيڪي کاڌ خوراڪ جي شين يعني مانين، ميدي مان ٺهيل شين، انجير، ڪشمش، مئي، زيتون جي تيل سان لڏيل هئا. انهن چوپايو مال ۽ رڍون ٻڪريون بہ آنديون. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ پئي ڪيو ويو جو بني اسرائيل ۾ خوشي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 تنهن کان سواءِ جيڪي انهن کي ويجها هئا يعني تہ اشڪار ۽ زبولون ۽ نفتالي تن بہ مانيون گڏهن ۽ اُٺن ۽ خچرن ۽ ڏاندن تي آنديون، يعني اٽي جا طعام، انجيرن جون ٽڪيون، ۽ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ڏاند، ۽ رڍون، جي بيشمار هيون: ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ خوشي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 12:40
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي وڌيو، تڏهن مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ساڻس اچي مليو. ضيبا سان گڏ ٻہ زين پيل گڏهہ هئا، جن تي ٻہ سؤ مانيون، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، هڪ سؤ تازا ميوا ۽ هڪڙي سانداري مئي جي رکيل هئي.


پوءِ اهي سڀ ماڻهو موٽ تي ڏاڍيون خوشيون ڪندي ۽ بانسريون وڄائيندي سندس پٺيان لڳي آيا، ايتري قدر جو انهن جي آواز سان زمين ڌُڏِي ٿي ويئي.


سڀيئي ماڻهو خوشيءَ سان ڀرجي ويا ۽ شهر ۾ امن وَ سڪون ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ عتلياہ کي محل ۾ قتل ڪيو ويو هو.


اُهي اتي ٽي ڏينهن دائود سان رهيا ۽ کاڌائون پيتائون، جنهن جو سندن هم‌وطنن بندوبست ڪري ڇڏيو هو.


دائود بادشاهہ لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن تي مقرر ڪيل سڀني سالارن سان صلاح مشورو ڪيو.


هنن انهيءَ ڏينهن خداوند جي حضور ۾ وڏي خوشيءَ سان کاڌو پيتو. پوءِ هنن ٻيهر دائود جي پٽ سليمان کي خداوند جي حضور ۾ مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو. هنن صدوق کي پڻ مسح ڪري ڪاهن مقرر ڪيو.


سچارن جي خوشحاليءَ تي پورو شهر خوش ٿو ٿئي، جڏهن تہ بدڪارن جي موت تي خوشيون ملهايون ٿيون وڃن.


جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري.


خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“


تڏهن ابيجيل تڪڙ ڪري ٻہ سؤ مانيون، ٻہ مئي جون سانداريون، پنج پڪل رڍون، پنج ماپا ڀُڳل اَناج جا، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا ۽ ٻہ سؤ سڪل انجير جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکرايون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ