1.تواريخ 12:37 - Muslim Sindhi Bible37 ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي جا هڪ لک ويهہ هزار جنگي جوڌا، جيڪي هر قسم جي هٿيار هلائڻ جا ماهر هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible37 ۽ يردن جي هن ڀر روبن ۽ جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان، هر قسم جي جنگ جي هٿيارن سان هڪ لک ۽ ويهہ هزار. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.