24 بني يهوداہ جا ڇهہ هزار اٺ سؤ جنگي جوڌا، نيزن ۽ ڍالن سان مسلح،
24 بني يهوداہ، جن کي سپرون ۽ نيزا هئا، سي ڇهہ هزار اٺ سؤ ڄڻا جنگ جي لاءِ هٿياربند هئا.
تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.
تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”ڏس، اسين تنهنجو هڏ رت آهيون.
بني اسرائيل جا ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ اچي گڏ ٿيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسين اوهان جو هڏ رت آهيون.
دائود جا اُهي ناليوارا سپاهي جن بني اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن سان گڏجي دائود جي مدد ڪئي تہ جيئن کيس بادشاهہ بڻائين، جهڙيءَ طرح خداوند دائود سان واعدو ڪيو هو، سي هي آهن.
جڏهن دائود حبرون ۾ هو، تڏهن گھڻن ئي تجربيڪار سپاهين سندس لشڪر ۾ شموليت اختيار ڪئي، تہ جيئن سائول جي جاءِ تي خداوند جي واعدي موجب کيس بادشاهہ مقرر ڪن. سندن تعداد هن طرح هو:
بني شمعون جا ست هزار هڪ سؤ،