Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 12:22 - Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن روز بروز دائود جي لشڪر ۾ ماڻهو شامل ٿيندا ويا، ايتري قدر جو دائود جو لشڪر تمام وڏو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ روزبروز دائود وٽ سندس مدد لاءِ ماڻهو پي آيا، تان جو خدا جي لشڪر جهڙو هڪڙو وڏو لشڪر اچي گڏ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 12:22
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ ”هي خدا جو لشڪرگاهہ آهي.“ سو انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.


سائول جي پٽ اشبوست ۽ دائود جي وچ ۾ گھڻي عرصي تائين جنگيون هلنديون رهيون. ان دوران دائود ڏينهون ڏينهن ويو زور وٺندو، جڏهن تہ اشبوست ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو.


سو سچار ماڻهو منهنجي حالت کان ڊڄي پنهنجي راهہ تي پختا رهن ٿا، هائو، جن جا هٿ صاف آهن سي وڌيڪ مضبوط ٿيندا وڃن ٿا.


اي انهيءَ جا آسماني لشڪرؤ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو، هائو، اي انهيءَ جا سڀيئي ملائڪؤ! اوهين کيس سڳورو چئو.


يشوع جڏهن يريحو شهر جي ويجھو اچي پهتو تہ اوچتو ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار ڪڍيو بيٺو آهي. يشوع وٽس ويو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون اسان جي طرف آهين يا اسان جي دشمنن جي طرف؟“


هن وراڻيو تہ ”ڪنهن جي بہ طرف نہ. آءٌ هتي هينئر خداوند جي لشڪر جو سپهہ‌سالار ٿي آيو آهيان.“ تڏهن يشوع کيس تعظيمي سجدو ڪيو ۽ چيائينس تہ ”آقا! مون ٻانهي جي لاءِ اوهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“


تنهنڪري هاڻي تون ۽ تنهنجي آقا سائول جا نوڪر، جيڪي تو سان گڏ آيا هئا سي صبح جو اُٿي سوجھري ٿيڻ مهل روانا ٿي وڃو.“


ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ