Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 12:18 - Muslim Sindhi Bible

18 عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 12:18
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”زندہ خدا جو ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جي سر جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو آقا بادشاهہ هوندو، موت ۾ توڙي زندگيءَ ۾ اوهان جو ٻانهو بہ اوهان سان ضرور گڏ هوندو.“


ابي‌سلوم يوآب جي بدران عماسا کي لشڪر جي مٿان سالار مقرر ڪيو. عماسا اِترا نالي هڪڙي شخص جو پٽ هو جيڪو اسماعيل جي اولاد مان هو. اِترا جي زال جو نالو ابيجيل هو، جا ناحس جي ڌيءَ ۽ يوآب جي ماءُ ضروياہ جي ڀيڻ هئي.


دائود هنن جي هٿان عماسا کي بہ چوائي موڪليو تہ ”تون منهنجو هڏ رت ناهين ڇا؟ سو هاڻي کان آءٌ پنهنجي اڳيان تو کي يوآب جي بدران هميشہ جي لاءِ فوج جو سپهہ‌سالار بڻايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“


پر سليمان بني اسرائيل مان ڪنهن کي بہ بيگار ۾ نہ لڳايو، بلڪ کين پنهنجا فوجي، عملدار، سالار، جنگي گھوڙي گاڏين جا نگران ۽ گھوڙي سوار مقرر ڪيائين.


پوءِ ييهو اتان روانو ٿيو ۽ رستي ۾ کيس يهوناداب ولد ريڪاب گڏيو، جيڪو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ آيو پئي. ييهوءَ کيس کيڪاريندي چيو تہ ”جيئن منهنجي دل تو سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل بہ مون سان آهي يا نہ؟“ يهوناداب وراڻيس تہ ”بلڪل آهي.“ تڏهن ييهوءَ کيس چيو تہ ”جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ مون کي پنهنجو هٿ ڏي.“ هن کيس هٿ ڏنو ۽ ييهوءَ کيس ڇڪي پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ ويهاريو.


سو شاهي محل جي ناظم، شهر جي گورنر، اتان جي اڳواڻن ۽ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد کي پالڻ وارن بہ ييهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”اسين اوهان جا ٻانها آهيون، جيئن اوهين چوندا تيئن ئي ڪنداسين. اسين ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ بڻائينداسون. باقي توهان کي جيڪي وڻي سو ڀلي ڪريو.“


ييهوءَ دريءَ ڏانهن نهاري هڪل ڪري چيو تہ ”منهنجي پاسي ڪير ڪير آهي؟“ تڏهن ٻہ يا ٽي محلاتي خواجہ‌سرا هن ڏانهن دريءَ مان نهارڻ لڳا.


پهريون ناليوارو سپاهي يسوبعام حڪموني هو، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ جو سالار هو. انهيءَ ٽي سؤ ماڻهن تي پنهنجو نيزو هلائيندي هڪڙي ئي حملي ۾ سڀني کي ماري وڌو.


تڏهن دائود انهن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيو ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين نيڪ ارادن سان منهنجي مدد ڪرڻ آيا آهيو تہ پوءِ آءٌ اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ اوهين مون سان شامل ٿي وڃو. پر جيڪڏهن مون کي منهنجي دشمنن جي حوالي ڪرڻ جي نيت سان آيا آهيو، توڙي جو مون اوهان سان ڪابہ بڇڙائي نہ ڪئي آهي تہ پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا، جيڪو انهيءَ ڳالهہ کي ڄاڻي ٿو سو ئي اوهان سان پڄندو.“


ابيجيل اسماعيل جي اولاد مان يتر نالي شخص سان پرڻيل هئي، جنهن مان کيس عماسا ڄائو.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“


جيڪو مون سان نہ آهي سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي.


جيڪي بہ انهيءَ اصول تي هلن ٿا، حقيقت ۾ اهي ئي خدا جي قوم بني اسرائيل آهن، تن تي شل رحم ۽ سلامتي هجي.


جڏهن هو دان جي خيمي‌گاهہ ۾ هو، جيڪو صرعہ ۽ استال جي وچ ۾ آهي، تڏهن خداوند جي روح هن کي بيدار ڪرڻ شروع ڪيو.


خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو ۽ هو بني اسرائيل جو رهبر ٿيو. تڏهن غتني‌ايل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ خداوند کيس بادشاهہ ڪوشن رسعتيم تي فتح ڏني.


خداوند جو روح جِدعون تي نازل ٿيو ۽ هن نفيل وڄائي ابيعزر وارن ماڻهن کي پنهنجي پٺيان وٺي هلڻ لاءِ سڏيو.


پر رُوت وراڻيو تہ ”مون کي ائين نہ چئُہ تہ آءٌ تو کي ڇڏي وڃان، مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ کان نہ موٽاءِ. جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ وينديس، جتي تون رهندينءَ آءٌ بہ اتي ئي رهنديس. جيڪا قوم تنهنجي آهي سا منهنجي بہ ٿيندي، جيڪو خدا تنهنجو آهي سو ئي منهنجو بہ ٿيندو.


سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هو جڏهن بيت‌لحم ۾ آيو تہ شهر جا اڳواڻ ڏڪندا سندس استقبال لاءِ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون خير سان تہ آيو آهين؟“


هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ خير سان آيو آهيان. آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني پيش ڪرڻ آيو آهيان. سو اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ مون سان گڏ قرباني ڪرڻ هلو.“ اهڙيءَ طرح هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي بہ پاڪ ڪرايو ۽ کين قربانيءَ جي دعوت ڏنائين.


پوءِ سائول پنهنجي آس‌پاس بيٺل سالارن کي چيو تہ ”اي بنيامينيؤ! ٻڌو، ڇا يسيءَ جو پٽ دائود اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ڏيندو؟ ڇا هو اوهان سڀني کي پنهنجي فوج ۾ هزارن ۽ سون جو سالار مقرر ڪندو؟


شل خداوند منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪري ۽ توهان کان منهنجو وير وٺي. باقي منهنجو هٿ توهان تي ڪين کڄندو.


جيئن اڳئين زماني جي ماڻهن جو پهاڪو آهي تہ ’بڇڙن کان ئي بڇڙائي ٿئي ٿي.‘ سو منهنجو هٿ توهان تي ڪين کڄندو.


جڏهن دائود اهي ڳالهيون سائول کي چئي بس ڪئي، تڏهن سائول چيس تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! ڇا اهو سچ پچ تون ئي آهين؟“ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.


انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ