1.تواريخ 12:17 - Muslim Sindhi Bible17 تڏهن دائود انهن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيو ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين نيڪ ارادن سان منهنجي مدد ڪرڻ آيا آهيو تہ پوءِ آءٌ اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ اوهين مون سان شامل ٿي وڃو. پر جيڪڏهن مون کي منهنجي دشمنن جي حوالي ڪرڻ جي نيت سان آيا آهيو، توڙي جو مون اوهان سان ڪابہ بڇڙائي نہ ڪئي آهي تہ پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا، جيڪو انهيءَ ڳالهہ کي ڄاڻي ٿو سو ئي اوهان سان پڄندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 ۽ دائود انهن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ انهن کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ جيڪڏهن اوهين خير سان مون کي مدد ڏيڻ لاءِ ٿا اچو تہ منهنجي دل اوهان سان ڳنڍجي ويندي: پر جي اوهين دغا ڪري مون کي منهنجن دشمنن جي حوالي ڪرڻ آيا آهيو، تہ جڏهن منهنجي هٿان ڪوبہ قصور نہ ٿيو آهي، تڏهن شل اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا انهيءَ کي ڏسي، ۽ انهيءَ لاءِ ملامت ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ ييهو اتان روانو ٿيو ۽ رستي ۾ کيس يهوناداب ولد ريڪاب گڏيو، جيڪو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ آيو پئي. ييهوءَ کيس کيڪاريندي چيو تہ ”جيئن منهنجي دل تو سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل بہ مون سان آهي يا نہ؟“ يهوناداب وراڻيس تہ ”بلڪل آهي.“ تڏهن ييهوءَ کيس چيو تہ ”جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ مون کي پنهنجو هٿ ڏي.“ هن کيس هٿ ڏنو ۽ ييهوءَ کيس ڇڪي پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ ويهاريو.