9 دائود وڌندو ۽ زور وٺندو ويو، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق خداوند ساڻس هو.
9 ۽ دائود وڌندو ۽ زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ساڻس هو.
سائول جي پٽ اشبوست ۽ دائود جي وچ ۾ گھڻي عرصي تائين جنگيون هلنديون رهيون. ان دوران دائود ڏينهون ڏينهن ويو زور وٺندو، جڏهن تہ اشبوست ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو.
دائود جيئن پوءِ تيئن زور وٺندو ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند قادرِمطلق خدا ساڻس هو.
هن اهو شهر دڙي جي چوڌاري ڀت تائين وڌائي ٺهرايو ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي.
فينحاس ڪاهن ولد اليعزر ڪنهن وقت ۾ انهن دربانن جو نگران هو ۽ ساڻس خدا جو راضپو هو.
جيئن تہ مردڪئي شاهي محل ۾ وڏي مان ۽ مرتبي وارو سمجھيو ويندو هو ۽ هن جو ناموس سڀني صوبن ۾ پکڙجي ويو هو، سو هو وڌ کان وڌ طاقتور ٿيندو ويو.
سو سچار ماڻهو منهنجي حالت کان ڊڄي پنهنجي راهہ تي پختا رهن ٿا، هائو، جن جا هٿ صاف آهن سي وڌيڪ مضبوط ٿيندا وڃن ٿا.
قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.
تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.
خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان.
هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.
سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟