8 هن اهو شهر دڙي جي چوڌاري ڀت تائين وڌائي ٺهرايو ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي.
8 ۽ هن اهو شهر چوڌاري، ملو کان وٺي آس پاس اڏايو: ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي.
بادشاهہ خلاف هن جي بغاوت جو قصو هن طرح آهي تہ جڏهن سليمان يروشلم جي اوڀر طرف هيٺاهين دڙي جي سنوت پئي ڪرائي ۽ دائود جي شهر جي ڪوٽ جي مرمت پئي ڪرائي،
سليمان بادشاهہ هيڪل ۽ پنهنجي محل جوڙائڻ، صيئون جبل جي هيٺاهينءَ کي هڪ ڪرو ڪرائڻ ۽ يروشلم جي چوڌاري ڪوٽ ڪڍرائڻ ۽ حصور، مجدو ۽ جزر شهرن کي نئين سر تعمير ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي بيگار ۾ لڳايو.
يوآس جي عملدارن سندس خلاف سازش ڪئي ۽ کيس مِلو واري محل ۾ قتل ڪيائون، جيڪو سِلہ شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي لاهيءَ ۾ آهي.
پوءِ دائود ان قلعي ۾ رهڻ لڳو، تنهنڪري اهو ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.
دائود وڌندو ۽ زور وٺندو ويو، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق خداوند ساڻس هو.
هو پنهنجي ساٿين ۽ سامريہ جي فوج اڳيان چوڻ لڳو تہ ”هي ڪمزور يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پاڻ تہ اهي ڀتيون ٺاهي نہ ٿا سگھن. انهيءَ لاءِ هو قربانيون پيش ڪندا ڇا؟ هي تعمير جو ڪم هڪڙي ئي ڏينهن ۾ پورو ٿي ويندو ڇا؟ ڪچري جي ڍير ۾ جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، هو تن کي وري جوڙي استعمال ڪندا ڇا؟“
پر جي نہ، تہ پوءِ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن ۽ بيتملو جي گھراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ بيتملو جي گھراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي.“
تڏهن سڪم ۽ بيتملو جا سڀ رهاڪو سڪم ۾ شاهہبلوط وڻ جي ڀر واري مذهبي ٿنڀي وٽ گڏ ٿيا ۽ اتي ابيملڪ کي پنهنجو بادشاهہ بڻايائون.