7 پوءِ دائود ان قلعي ۾ رهڻ لڳو، تنهنڪري اهو ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.
7 ۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهڻ لڳو؛ تنهنڪري انهيءَ کي دائود جو سڏڻ لڳا.
انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو اهو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.
يبوس جي رهاڪن دائود کي چيو تہ ”تون شهر ۾ هرگز داخل نہ ٿيندين.“ انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.
دائود چيو هو تہ ”جنهن بہ سڀ کان پهريان يبوسين تي حملو ڪري کين ماري وڌو سو ئي لشڪر جو سپهہ سالار ٿيندو.“ تڏهن يوآب جيڪو دائود جي ڀيڻ ضروياہ جو پٽ هو، تنهن پهريائين ڪاهہ ڪئي هئي، تنهنڪري هو ئي لشڪر جو سپهہ سالار بڻايو ويو.
هن اهو شهر دڙي جي چوڌاري ڀت تائين وڌائي ٺهرايو ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي.
هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“