1.تواريخ 11:6 - Muslim Sindhi Bible6 دائود چيو هو تہ ”جنهن بہ سڀ کان پهريان يبوسين تي حملو ڪري کين ماري وڌو سو ئي لشڪر جو سپهہ سالار ٿيندو.“ تڏهن يوآب جيڪو دائود جي ڀيڻ ضروياہ جو پٽ هو، تنهن پهريائين ڪاهہ ڪئي هئي، تنهنڪري هو ئي لشڪر جو سپهہ سالار بڻايو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 ۽ دائود چيو تہ جيڪو پهرين پهرين يبوسين کي فتح ڪندو سو رئيس ۽ سردار ٿيندو. ۽ يوآب بن ضروياہ پهرين ڪاهي ويو ۽ اُهو سردار ڪيو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”تون انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏسين ٿو جيڪو نڪري آيو آهي؟ پڪ سان اهو بني اسرائيل کي ذليل ڪرڻ لاءِ آيو آهي. سو جيڪو ماڻهو انهيءَ کي ماري ڇڏيندو تنهن کي سائول بادشاهہ دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيندو ۽ پنهنجي ڌيءَ بہ کيس پرڻائيندو. ان کان علاوہ سندس گھراڻو بني اسرائيل ۾ هر ڪنهن ڳالهہ کان آزاد رهندو.“