24 بناياہ جا اهڙا بهادريءَ جا ڪم هئا ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي وڏن بهادرن جهڙو نالو ڪڍيائين.
24 بناياہ بن يهويدع اهي ڪم ڪيا ۽ ٽنهي پهلوانن ۾ ناميارو ٿيو.
بناياہ ولد يهويدع خاص محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ ڪاهن مقرر هئا.
هن هڪڙو مصري شخص پڻ ماري وڌو جيڪو ٻن ميٽرن کان وڌيڪ ڊگھو هو. جيتوڻيڪ ان مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي لٺ جهڙو هڪڙو نيزو هو، تڏهن بہ بناياہ هڪڙي لٺ کڻي مٿس حملو ڪيو ۽ سندس هٿ مان نيزو کسي سندس ئي نيزي سان ماري وڌائينس.
هو انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ جي سپاهين ۾ وڌيڪ ناليوارو هو، پر انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي مٽ نہ هو. دائود کيس پنهنجي ذاتي محافظن تي نگران مقرر ڪيو.
جڏهن دائود، سائول ولد قيس کان ڀڄي وڃي صِقلاج ۾ لڪي رهندو هو، تڏهن ڪجھہ ماڻهو اچي ساڻس شامل ٿيا هئا. اهي جنگي جوڌا هئا، جن اچي جنگ ۾ سندس مدد ڪئي.
صدوق نالي هڪ دلير جوان مرد پنهنجي گھراڻي جي ٻاويهن سالارن سميت،