Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:20 - Muslim Sindhi Bible

20 يوآب جو ڀاءُ ابي‌شي ”ٽيهن جو ٽولو“ جو اڳواڻ هو. هن پنهنجو نيزو کڻي ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين ماري وڌو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ انهن ٽنهي مان ابيشيءَ، يوآب جو ڀاءُ، مکيہ هو: ڇالاءِ جو هو پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهي ويو، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ ”ٽيهن جو نالو“ جهڙو نالو ڪڍيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“


ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ابي‌شي ۽ عساهيل اتي هئا. عساهيل ڊوڙڻ ۾ اهڙو تہ تکو هو جهڙو جھنگلي هرڻ.


تڏهن دائود ابي‌شيءَ کي چيو تہ ”سبع ولد بڪري اسان کي ابي‌سلوم کان بہ وڌيڪ نقصان پهچائيندو. سو تون منهنجو لشڪر وٺي انهيءَ جي پٺيان ڪاهي پئُہ، متان هو قلعي وارا شهر هٿ ڪري ۽ اسان کان بچي وڃي.“


پر ابي‌شي جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن اچي دائود جي مدد ڪئي ۽ انهيءَ راڪاس جهڙي طاقتور فلستيءَ کي شڪست ڏيئي قتل ڪري ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ ”اڳتي اوهين اسان سان جنگ تي نہ هلو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ختم ٿيڻ سان متان بني اسرائيل جو ڏيئو اجھامي نہ وڃي.“


سو اهڙيءَ طرح يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابي‌شي ابنير کان بدلو ورتو، ڇاڪاڻ تہ ابنير جنگ دوران جِبعون ۾ سندن ڀاءُ عساهيل کي قتل ڪيو هو.


پاڻي هاريندي دائود چيو تہ ”خدا نہ ڪري جو آءٌ اهو پاڻي پيئان. ڇا آءٌ هنن ماڻهن جو رت پيئان جيڪي پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اوڏانهن ويا ۽ مون لاءِ اهو پاڻي آندو اٿائون؟“ سو دائود اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي ناليوارن سپاهين جا اهي ئي بهادريءَ وارا ڪم هئا.


”ٽيهن جو ٽولو“ مان هو ٻين سڀني کان وڌيڪ ناليوارو هو ۽ سندن اڳواڻ بڻيو، انهيءَ هوندي بہ هو انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي مٽ نہ هو.


انهن جون ڀينرون ضروياہ ۽ ابيجيل هيون. ضروياہ جا جملي ٽي پٽ هئا: ابي‌شي، يوآب ۽ عساهيل.


تڏهن اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تن ٻنهي کان دائود پڇيو تہ ”سائول جي خيمي‌گاهہ ۾ مون سان گڏجي ڪير هلندو؟“ تنهن تي ابي‌شيءَ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان سان گڏجي هلندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ