Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پاڻي هاريندي دائود چيو تہ ”خدا نہ ڪري جو آءٌ اهو پاڻي پيئان. ڇا آءٌ هنن ماڻهن جو رت پيئان جيڪي پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اوڏانهن ويا ۽ مون لاءِ اهو پاڻي آندو اٿائون؟“ سو دائود اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي ناليوارن سپاهين جا اهي ئي بهادريءَ وارا ڪم هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ چيائين تہ خدا نہ ڪري تہ آءٌ ائين ڪريان: هنن ماڻهن جن پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي تن جو رت آءٌ پيان ڇا؟ ڇالاءِ جو انهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اهو آندو: تنهنڪري هن اهو پيئڻ نہ گهريو. انهن ٽنهي پهلوانن اهي ڪم ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هڪ شيءِ جيڪا اوهان کي کائڻي ناهي، سا آهي رت سوڌو گوشت، ڇاڪاڻ تہ رت جان آهي.


پاڻي هاريندي هن چيو تہ ”اي خداوند! ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو آءٌ اهو پيئان؟ اهو تہ انهن ماڻهن جي رت پيئڻ جي مثال آهي، جيڪي پنهنجيون جانيون خطري ۾ وجھي اهو کڻي آيا آهن.“ سو هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي وڏن بهادرن جا اهي ئي ڪارناما هئا.


پر نابوت اخي‌اب کي چيو تہ ”اهو خدا جي حڪم جي خلاف آهي جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توهان کي ڏيان.“


تڏهن اهي ٽيئي ناليوارا سپاهي فلستين جي لشڪرگاهہ منجھان هوشياريءَ سان گذري ويا ۽ بيت‌لحم جي ٻاهرئين دروازي واري کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون. پر دائود اهو پيئڻ نہ گھريو، بلڪ خداوند جي حضور ۾ نذراني طور هاري ڇڏيائين.


يوآب جو ڀاءُ ابي‌شي ”ٽيهن جو ٽولو“ جو اڳواڻ هو. هن پنهنجو نيزو کڻي ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين ماري وڌو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو.


جيڪي بہ مون سان گڏ رهن ٿا، ڇا تن شاهدي نہ ڏني آهي تہ منهنجي دسترخوان تان ڪوبہ مهمان گوشت سان ڍءُ ڪرڻ کان سواءِ نہ ويو آهي؟


هائو، هو انهن کي ظلم ۽ زبردستيءَ کان بچائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ سندس نظر ۾ انهن جو رت بيحد قيمتي آهي.


”بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪنهن بہ طرح رت کائيندو پيئندو، تہ آءٌ خداوند انهيءَ رت کائڻ پيئڻ واري جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.


تڏهن عيسيٰ چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ منهنجو ماس ۽ منهنجو رت حقيقي کاڌو آهي.


بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون ڪليسيائون پڻ ٿورائتيون آهن.


يا وري اسين هر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟


جڏهن تہ بني زبولون ۽ بني نفتالي جنگ جي ميدان ۾ اچي نڪتا، بيشڪ اهي موت سان کيڏڻ وارا جوڌا هئا.


ياد رکو تہ منهنجو پيءُ اوهان جي خاطر وڙهيو، پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اوهان کي مديانين جي هٿن مان ڇڏايائين.


هن پنهنجو سِر تريءَ تي رکي وڃي انهيءَ فلستي جالوت کي ماريو، جنهن تي خداوند سڄي بني اسرائيل کي هڪ وڏي فتح حاصل ڪرائي. توهان پاڻ اها ڏٺي ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. تڏهن ڇو هن بي‌گناهہ جو رت بي‌سبب هاري اوهين گنهگار ٿيڻ ٿا گھرو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ