Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن اهي ٽيئي ناليوارا سپاهي فلستين جي لشڪرگاهہ منجھان هوشياريءَ سان گذري ويا ۽ بيت‌لحم جي ٻاهرئين دروازي واري کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون. پر دائود اهو پيئڻ نہ گھريو، بلڪ خداوند جي حضور ۾ نذراني طور هاري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تڏهن اُهي ٽيئي فلستين جي لشڪر مان ڪاهي لنگهي ويا ۽ در جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون: پر دائود انهيءَ مان نہ پيتو، پر خداوند جي لاءِ هاري ڇڏيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي اهي ٽيئي بهادر فلستي لشڪر جي خيمي‌گاهہ جي وچان هوشياريءَ سان لنگھي وڃي بيت‌لحم جي دروازي واري کوهہ مان پاڻي ڀري دائود وٽ کڻي آيا. پر دائود اهو پيئڻ نہ گھريو بلڪ اهو خداوند جي حضور ۾ نذراني طور هاري ڇڏيائين.


تڏهن دائود وطن جي سڪ مان آهہ ڀريندي چيو تہ ”ڪاش! ڪو ماڻهو بيت‌لحم واري کوهہ مان، جيڪو ٻاهرئين دروازي وٽ آهي، مون کي پيئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏئي تہ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ ٿئي.“


پاڻي هاريندي دائود چيو تہ ”خدا نہ ڪري جو آءٌ اهو پاڻي پيئان. ڇا آءٌ هنن ماڻهن جو رت پيئان جيڪي پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اوڏانهن ويا ۽ مون لاءِ اهو پاڻي آندو اٿائون؟“ سو دائود اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي ناليوارن سپاهين جا اهي ئي بهادريءَ وارا ڪم هئا.


مون کي هميشہ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي، ۽ منهنجي ياد کي پنهنجي منڊيءَ تي مُهر جيان هڻي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ جيئن موت اڻٽر آهي، تيئن اسان جي محبت اڻٽٽ آهي، ۽ اسان جي هڪٻئي لاءِ ڪشش ڪڏهن بہ ختم ٿيڻ واري ناهي. اسان جي محبت جا شعلا ڀڙڪندڙ باهہ جي شعلن کان بہ وڌيڪ تيز آهن.


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


هن پنهنجو سِر تريءَ تي رکي وڃي انهيءَ فلستي جالوت کي ماريو، جنهن تي خداوند سڄي بني اسرائيل کي هڪ وڏي فتح حاصل ڪرائي. توهان پاڻ اها ڏٺي ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. تڏهن ڇو هن بي‌گناهہ جو رت بي‌سبب هاري اوهين گنهگار ٿيڻ ٿا گھرو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ