Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن دائود وطن جي سڪ مان آهہ ڀريندي چيو تہ ”ڪاش! ڪو ماڻهو بيت‌لحم واري کوهہ مان، جيڪو ٻاهرئين دروازي وٽ آهي، مون کي پيئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏئي تہ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ دائود ڏاڍي شوق مان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيت الحم جي کوهہ مان، جو دروازي جي پاسي ۾ آهي، مون کي پيئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏي تہ ڪهڙي نہ چڱي ڳالهہ ٿئي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن وقت دائود قدرتي ٺهيل قلعي ۾ هو ۽ فلستين جي ٽولي بيت‌لحم تي قبضو ڪري چڪي هئي.


تڏهن اهي ٽيئي ناليوارا سپاهي فلستين جي لشڪرگاهہ منجھان هوشياريءَ سان گذري ويا ۽ بيت‌لحم جي ٻاهرئين دروازي واري کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون. پر دائود اهو پيئڻ نہ گھريو، بلڪ خداوند جي حضور ۾ نذراني طور هاري ڇڏيائين.


تڏهن آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ڊگھيريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پياسي ڌرتيءَ جيان تنهنجو سِڪايل آهيان.


اي خدا! ڪير مون کي ادوم ملڪ تائين پهچائيندو؟ ڪير مون کي ان جي ڪوٽ واري شهر ۾ وٺي ويندو؟


اي خدا! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ دل سان تنهنجو طالبو آهيان، انهيءَ خشڪ ۽ پياسي زمين جيان، جيڪا پاڻيءَ لاءِ سِڪندي هجي. منهنجي جان تنهنجي پياسي ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


جهڙيءَ طرح تازو پاڻي اڃايل کي خوشي ٿو بخشي، تهڙيءَ طرح خدا جي قوم کي خوشي حاصل ٿيندي جڏهن هو کين بچائيندو.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.“


پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ