Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تنهن وقت دائود قدرتي ٺهيل قلعي ۾ هو ۽ فلستين جي ٽولي بيت‌لحم تي قبضو ڪري چڪي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جي پهري وارن جي فوج تڏهن بيت الحم ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فلستين جڏهن ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻايو اٿن، تڏهن سڀ فلستي گڏجي دائود کي ڳولي پڪڙڻ لاءِ نڪتا. دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ هو قدرتي طور ٺهيل هڪڙي قلعي ۾ لهي ويو.


تڏهن دائود وطن جي سڪ مان آهہ ڀريندي چيو تہ ”ڪاش! ڪو ماڻهو بيت‌لحم واري کوهہ مان، جيڪو ٻاهرئين دروازي وٽ آهي، مون کي پيئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏئي تہ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ ٿئي.“


اي خداوند! آءٌ بلند آواز سان تو کي فرياد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ وڏي آواز سان تو خداوند کي منٿون ٿو ڪريان.


انهيءَ کان پوءِ تون خدا واري جِبعت شهر ڏانهن چڙهي وڃجانءِ، جتي فلستي سپاهين جو پهرو آهي. جڏهن تون اتي شهر ۾ داخل ٿيندين تڏهن تو کي نبين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جيڪا سُرندو، دڦ، بانسري ۽ دنبورو وڄائيندي انهيءَ ٽڪر واري عبادت‌گاهہ کان هيٺ لهندي ايندي هوندي ۽ اهي خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ايندا هوندا.


هوڏانهن فلستين پنهنجي سپاهين جي هڪڙي ٽولي مڪماس جي لڪ جي حفاظت لاءِ رواني ڪئي.


سو جڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي اها خبر پيئي تہ سائول فلستين جي پهريدارن کي مارائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فلستين کي بني اسرائيل کان نفرت ٿي ويئي آهي، تڏهن ماڻهو جنگ لاءِ سائول وٽ جِلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.


پوءِ دائود جات شهر کان ڀڄي نڪتو ۽ عدلام شهر جي ڀر واري غار ۾ آيو. جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اهي اتي وٽس اچي پهتا.


پوءِ هو انهن کي موآب جي بادشاهہ وٽ ڇڏي ويو ۽ جيستائين دائود انهيءَ پهاڙي غار ۾ لڪل هو تيستائين اهي بادشاهہ وٽ ئي رهيا پيا هئا.


پوءِ جاد نبيءَ اچي دائود کي چيو تہ ”انهيءَ پهاڙي غار ۾ نہ رهہ، بلڪ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ڏانهن وڃ.“ تڏهن دائود اتان روانو ٿيو ۽ حارت جي ٻيلي ۾ اچي پهتو.


تڏهن سائول ۽ سندس ماڻهو دائود کي ڳولڻ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن دائود کي اها خبر ڏني ويئي تڏهن هو انهيءَ ٽڪريءَ واري پاسي آيو جيڪا معون جي بيابان ۾ ئي هئي. جڏهن سائول اهو ٻڌو تڏهن هو معون جي بيابان ۾ دائود جي پٺيان پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ