Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر هو ۽ سندن ٻيا ساٿي ميدان جي وچ ۾ ڄمي فلستين سان وڙهندا رهيا. هنن فلستين کي ماريو ۽ خداوند کين وڏي سوڀ ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ ماڻهو انهيءَ زمين جي ٽڪر جي وچ ۾ بيهي انهيءَ کي بچائڻ لڳا ۽ فلستين کي ماريائون؛ ۽ خداوند هنن کي بچايو ۽ وڏي فتح ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:14
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ اليعزر ميدان ۾ لهي ايترا تہ فلستي ماريا جو هن جو هٿ ٿڪجي پيو ۽ تلوار سندس هٿ سان چنبڙي پيئي. انهيءَ ڏينهن خداوند کين وڏي فتح ڏني. پوءِ دائود جو لشڪر رڳو ڦرلُٽ ڪرڻ لاءِ موٽي اليعزر وٽ آيو.


ارام جي بادشاهہ جو هڪڙو سپهہ‌سالار هو جنهن جو نالو نعمان هو. پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ هو وڏو ڳُڻن ڀريو ماڻهو هو ۽ سندس وڏي عزت هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام ملڪ کي فتح ڏني هئي. هو هڪ بهادر سپاهي هو، پر کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري هئي.


هو فسدميم ۾ فلستين سان دائود جي طرفان وڙهيو. جڏهن بني اسرائيل جي لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پيئي تڏهن هو جَوَن جي پوک ۾ هو.


هڪ ڏينهن ٽيهن بهادرن مان اهي ٽي ڄڻا ٽڪريءَ ڏانهن عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا، جڏهن تہ فلستين جو هڪ جٿو رفائين جي ماٿريءَ ۾ خيما کوڙيو رهيو پيو هو.


تون جيڪو بادشاهن کي سوڀ ٿو بخشين، ۽ جنهن پنهنجي بندي دائود کي خوني تلوار کان بچايو آهي،


تو پنهنجي هن مخصوص ڪيل بادشاهہ کي عظيم سوڀون بخشيون آهن، هائو، پنهنجي دائمي شفقت هن مسح ڪيل کي ڏيکاري اٿيئي، يعني مون دائود کي ۽ منهنجي نسل کي، هميشہ هميشہ لاءِ.


لشڪرن کي گھوڙن جي گھڻائيءَ سان ڪاميابي نہ ٿي ملي، مگر فتح انهيءَ کي ملندي جنهن کي خداوند چاهي.


اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي فتح بخشي. جنگ بيت‌آون جي هن پار تائين وڃي پهتي


هن پنهنجو سِر تريءَ تي رکي وڃي انهيءَ فلستي جالوت کي ماريو، جنهن تي خداوند سڄي بني اسرائيل کي هڪ وڏي فتح حاصل ڪرائي. توهان پاڻ اها ڏٺي ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. تڏهن ڇو هن بي‌گناهہ جو رت بي‌سبب هاري اوهين گنهگار ٿيڻ ٿا گھرو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ