1.تواريخ 11:11 - Muslim Sindhi Bible11 پهريون ناليوارو سپاهي يسوبعام حڪموني هو، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ جو سالار هو. انهيءَ ٽي سؤ ماڻهن تي پنهنجو نيزو هلائيندي هڪڙي ئي حملي ۾ سڀني کي ماري وڌو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ۽ جيڪي اهي بهادر مرد دائود وٽ هئا، تن جو شمار هي آهي: يسوبعام، جو هڪڙي حڪمونيءَ جو پٽ هو ۽ ٽيهن جو سردار هو: انهيءَ پنهنجو نيزو ٽن سوَن ماڻهن تي کنيو، ۽ هڪڙي ئي وقت انهن کي ڪُٺائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هي ماڻهو ماهوار پنهنجي ٽولي جا سالار بڻايا ويندا هئا: پهريون مهينو: يسوبعام ولد زبديايل جيڪو بني فارص ولد يهوداہ مان هو. ٻيو مهينو: دودي اخوحي. مقوت سندس نائب هو. ٽيون مهينو: يهويدع ڪاهن جو پٽ بناياہ. هي اهو بناياہ آهي جيڪو ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مان سڀني کان طاقتور ۽ سندن اڳواڻ پڻ هو. سندس پٽ عميزباد بہ سندس ٽولي ۾ شامل هو. چوٿون مهينو: يوآب جو ڀاءُ عساهيل. سندس پٽ زبدياہ سندس نائب هو. پنجون مهينو: سمهوت ازراخي. ڇهون مهينو: عيرا ولد عقيس تقوعي. ستون مهينو: بني افرائيم مان خلص فلطي. اٺون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان سبڪي حوساتي. نائون مهينو: بني بنيامين مان ابيعزر عنتوتي. ڏهون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان مهري نطوفاتي. يارهون مهينو: بني افرائيم مان بناياہ فرعاتوني. ٻارهون مهينو: غتنيايل جي گھراڻي مان خلدي نطوفاتي.