Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:10 - Muslim Sindhi Bible

10 دائود جا اُهي ناليوارا سپاهي جن بني اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن سان گڏجي دائود جي مدد ڪئي تہ جيئن کيس بادشاهہ بڻائين، جهڙيءَ طرح خداوند دائود سان واعدو ڪيو هو، سي هي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هاڻي اُهي مکيہ بهادر مرد، جي دائود وٽ هئا، ۽ جن سندس بادشاهت ۾ سڀني اسرائيلين سان گڏ کيس بادشاهہ ڪيو، ۽ ساڻس مددگار ٿي همٿ ڏيکاري،. جيئن ڪ اسرائيل جي نسبت ۾ خداوند جو حڪم هو، سي هي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابنير دائود کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ موٽي ويندس ۽ سڄي بني اسرائيل کي آڻي پنهنجي آقا بادشاهہ وٽ گڏ ڪندس، تہ جيئن اهي توهان سان عهد ڪن ۽ توهين انهن سڀني تي پنهنجي مرضيءَ موجب بادشاهي ڪريو.“ سو دائود ابنير کي روانو ڪيو ۽ هو سلامتيءَ سان هليو ويو.


تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، جيئن خداوند سموئيل جي معرفت واعدو ڪيو هو.


انهن ماڻهن حملو ڪندڙن جي ٽولن سان وڙهڻ ۾ دائود جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو سڀ بهادر مرد ۽ سندس لشڪر جا سالار هئا.


جڏهن دائود حبرون ۾ هو، تڏهن گھڻن ئي تجربيڪار سپاهين سندس لشڪر ۾ شموليت اختيار ڪئي، تہ جيئن سائول جي جاءِ تي خداوند جي واعدي موجب کيس بادشاهہ مقرر ڪن. سندن تعداد هن طرح هو:


بني يهوداہ جا ڇهہ هزار اٺ سؤ جنگي جوڌا، نيزن ۽ ڍالن سان مسلح،


اهي سڀ جنگي جوڌا هئا جيڪي رضا خوشيءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي شامل ٿيا هئا. هو پڪي ارادي سان حبرون ۾ آيا تہ جيئن دائود کي سڄي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ بڻائين. بني اسرائيل جا باقي ٻيا ماڻهو بہ دائود کي بادشاهہ بڻائڻ لاءِ متفق هئا.


اُهي اتي ٽي ڏينهن دائود سان رهيا ۽ کاڌائون پيتائون، جنهن جو سندن هم‌وطنن بندوبست ڪري ڇڏيو هو.


هي بني اسرائيل جا اهي ماڻهو آهن جيڪي گھراڻن جا وڏا، لشڪر جا هزارن ۽ سون جا سالار ۽ سپهہ‌سالار هئا ۽ جن ٽولن جي صورت ۾ دائود بادشاهہ لاءِ ملڪ جي هر خدمت سرانجام ٿي ڏني. پوري سال جي هر مهيني الڳ الڳ ٽولو خدمتون انجام ڏيندو هو. انهن مان هر هڪ ٽولي ۾ چوويهہ هزار ماڻهو هوندا هئا.


دائود بني اسرائيل جي هنن سڀني عملدارن کي يروشلم ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏايو: قبيلن جا سردار، بادشاهہ جي خدمت ڪندڙ ٽولن جا سالار، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جا سالار، بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي سموري ملڪيت ۽ مال جا نگران عملدار، محل جا خدمتگار، مکيہ ماڻهو ۽ سڀ آزمودگار جوڌا جوان.


خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ