Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 10:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هنن سائول جي سسي لاٿي ۽ سندس زرهہ بہ لاٿائون. پوءِ هنن قاصدن کي اهي شيون ڏيئي پنهنجي ملڪ فلستيا ڏانهن موڪليو تہ وڃي سندن بتخانن ۾ ۽ سڀني ماڻهن کي اها خوشخبري ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ هنن انهيءَ جا ڪپڙا لاٿا، ۽ انهيءَ جي سسي ۽ انهيءَ جا هٿيار لاهي چوڌاري فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنائون، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهن کي ۽ سندن بُتن کي اها خبر پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 10:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪوبہ ماڻهو اها خبر فلستيءَ جي شهر جات ۾ نہ ٻڌائي، نڪي ڪو اسقلون جي گھٽين اندر اها پڌري ڪري، متان فلستين جون ڌيئرون اها ڳالهہ ٻڌي خوشيون ملهائين، هائو، متان اڻ‌طهريلن جون ڌيئرون شادمانا ڪن.


هنن انهيءَ جا هٿيار پنهنجن ديوتائن جي هڪڙي مندر ۾ رکيا ۽ انهيءَ جي سسي دجون ديوتا جي مندر ۾ لٽڪائي ڇڏيائون.


تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، نہ تہ هي اڻ‌طهريل اچي مون کي بي‌عزتو ڪندا.“ پر سندس هٿياربردار ڊڄي ويو ۽ ائين نہ ڪيائين، تنهنڪري سائول پنهنجي تلوار ڪڍي انهيءَ تلوار مٿان ڪري پيو.


ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي لاشن کي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش جِلبوعہ جبل تي پيل ڏٺائون.


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


سسي ٿالهہ ۾ وجھي آڻي ڇوڪريءَ جي اڳيان رکيائون، جنهن اها پنهنجي ماءُ کي ڏيئي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ