Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 10:7 - Muslim Sindhi Bible

7 يزرعيل ماٿريءَ ۾ رهندڙ بني اسرائيل جي ماڻهن جڏهن ٻڌو تہ سڄو لشڪر ڀڄي ويو آهي ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا. پوءِ فلستين اچي انهن تي قبضو ڪيو ۽ منجھن رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو، جي انهيءَ واديءَ ۾ هئا، تن ڏٺو تہ هو ڀڄي ويا، ۽ سائول ۽ سندس پٽ مارجي ويا، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا، ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 10:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح سائول ۽ سندس ٽي پٽ مري ويا ۽ سندن سڄي گھراڻي ۾ ڪوبہ تخت جو وارث نہ رهيو.


ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي لاشن کي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش جِلبوعہ جبل تي پيل ڏٺائون.


تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.


اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا.


اوهان جي زمين جي پيداوار ۽ اوهان جي محنت جي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي، جنهن کي اوهين سڃاڻيندا بہ ڪونہ هوندا. اوهين سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندا،


جيڪو ڌاريو ماڻهو اوهان جي وچ ۾ هوندو سو اوهان کان وڌندو ويندو ۽ اوهين گھٽبا ويندا.


مديانين جي ظالمانہ سلوڪ جي ڪري بني اسرائيل وڃي جبلن جي چرن، غارن ۽ ٻين مضبوط هنڌن تي پنهنجي لاءِ اجھا جوڙيا.


پوءِ جڏهن هنن بني اسرائيل جي لشڪر تي حملو ڪيو تڏهن هو گھٻرائجي غارن، گھاٽن جھنگن، ٽڪرين، ڏرن ۽ کڏن ۾ وڃي لڪا.


بني اسرائيل جا جيڪي ماڻهو يزرعيل ماٿريءَ جي ٻئي طرف ۽ جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر طرف رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو بہ پنهنجا شهر ڇڏي ڀڄي ويا. پوءِ فلستي اچي انهن تي قبضو ڪري رهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ