45 يوباب جي وفات کان پوءِ تيمان جي ملڪ وارو حُشام بادشاهہ ٿيو.
45 ۽ يوباب مئو، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي تيمان جي ملڪ وارو، حشام بادشاهہ ٿيو.
اليفز جا پٽ هي آهن: تيمان، اومار، صفو، جعتام ۽ قنز.
يوباب جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي تيمانين جي علائقي واري حُشام بادشاهي ڪئي.
حُشام جي وفات کان پوءِ هدد ولد بدد، جنهن موآب ۾ مديانين کي شڪست ڏني هئي سو بادشاهہ ٿيو. سندس شهر جو نالو عويت هو.
هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن، اليفز تيماني، بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتيءَ مٿس آيل انهيءَ سڄيءَ مصيبت جو احوال ٻڌو، تڏهن پنهنجي پنهنجي شهر کان اچي گڏ ٿيا ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ هلي ايوب سان ڏک ونڊين ۽ کيس تسلي ڏين.
ادوم ملڪ مٿان آءٌ اهڙي مصيبت آڻيندس جو تيمان شهر جا جنگي جوڌا بہ ڊڄي ويندا. تڏهن سڄي ملڪ جي ماڻهن کي نيست وَ نابود ڪيو ويندو.“