مون خداوند جي تلوار انهن جي رت، ۽ چرٻيءَ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن قربانگاهہ گھيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان ۽ گھٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. آءٌ خداوند بُصراہ شهر ۾ اهڙي قرباني ڪندس، بلڪ ادوم جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو وڏو قتلام ڪندس.
آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ ادوم جو گاديءَ وارو شهر بُصراہ برباد ٿيندو ۽ عبرت، ملامت، ويرانيءَ ۽ لعنت جو سبب بڻبو ۽ ان جي آسپاس وارا سڀيئي ڳوٺ هميشہ لاءِ ويران ٿي ويندا.“
خداوند بني اسرائيل سان واعدو ٿو ڪري تہ ”اي يعقوب جو اولاد! آءٌ اوهان جي باقي بچيلن کي گڏ ڪري ضرور سندن وطن ڏانهن ائين موٽائي آڻيندس، جيئن هڪ ڌنار پنهنجي رڍن جي ڌڻ کي هڪلي آڻي سندن چراگاهہ ۾ گڏ ڪندو آهي. پوءِ اوهان جو ملڪ وري رونقن سان ڀرجي ويندو.