ادوم جي علائقي ۾ پهريائين حوري قوم جا ماڻهو رهندا هئا. پر بني عيسوءَ انهن کي ڀڄائي ڪڍيو. انهن کي برباد ڪري هو پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا، جيئن بني اسرائيل پنهنجي دشمنن سان بعد ۾ پنهنجي ورثي واري ملڪ ۾ ڪيو، جيڪو خداوند انهن کي عطا ڪيو.
خداوند اهو ساڳيءَ طرح ئي ڪيو جيئن هن ادوم جي علائقي ۾ رهندڙ بني عيسوءَ جي اڳيان حورين کي برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عيسو پاڻ اڄ ڏينهن تائين رهندا پيا اچن.