سليمان ڪنعان جي انهن بچي ويل ماڻهن جو اهو اولاد بيگر ۾ لڳايو، جن کي سندن ملڪ تي قبضي ڪرڻ وقت بني اسرائيل نہ ماريو هو. انهن ۾ اموري، حتي، فرزي، حوي ۽ يبوسي شامل هئا جن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين اتي غلاميءَ ۾ رهندو اچي.
جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جنهن ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آهي، جڏهن خداوند اوهان کي انهيءَ ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ پهچائي تڏهن اوهين ساڳئي ئي مهيني ۾ اها رسم ادا ڪندا رهجو.