Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 3:12 - Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن آءٌ ارتماس يا تخڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏهن تون مون وٽ نيڪپلس شهر ۾ اچڻ جي پوري ڪوشش ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 جڏهن ارتماس يا تخڪس کي آئون تو وٽ موڪليان، تڏهن تون سعيو ڪري نڪوپلس ۾ مون وٽ اچج؛ جو مون ارادو ڪيو آهي تہ سيارو اتي گذاريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن آءٌ ارتماس يا تخڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏهن تون مون وٽ نيڪپلس شهر ۾ اچڻ جي پوري ڪوشش ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جڏھن آءٌ ارتماس يا تُخِڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏھن تون مون وٽ نڪوپلس شھر ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪج، ڇالاءِ⁠جو مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 3:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ.


شايد آءٌ اوهان وٽ ڪجھہ وقت رهان يا سڄو سيارو گذاريان. پوءِ مسافريءَ ۾ جيڏانهن بہ وڃان تہ اوهين مدد ڪري مون کي روانو ڪجو.


تخڪُس، جيڪو پرڀو يسوع ۾ پيارو ڀاءُ ۽ سچو سيواداري آهي، سو اوهان کي منهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين بہ منهنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان.


تخڪُس اوهان کي منهنجو سڄو احوال ٻڌائيندو. هو پيارو ڀاءُ، سچو سيواداري ۽ اسان وانگر پرڀو يسوع جو داس آهي.


تخڪُس کي مون اِفسس شهر ڏانهن موڪليو آهي.


تون سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. يوبولس، پودينس، لينَس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ وشواسي بہ تو کي نمسڪار ٿا چون.


مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ