Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 2:8 - Hindu Sindhi Bible

8 اهڙي صحيح سکيا ڏي جيڪا ڦٽڪار جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ اهڙي صحيح تعليم ڏي، جا ملامت جوڳي نہ هجي؛ تان تہ مخالف ڌر شرمندي ٿئي، ۽ اسان جي برخلاف ڪابہ ڳالهہ ڪري نہ سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 اھڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ ھجي، انھيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻھو اسان تي عيب لائڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 2:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يسوع کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ يسوع جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو.


انهيءَ وقت نيم شاسترين مان هڪڙو اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ يسوع صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن يسوع کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“


تنهن تي انهيءَ نيم شاستريءَ يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! واہ جي ڳالهہ ڪئي اٿوَ. بيشڪ ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


يسوع ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي. تنهنڪري کيس چيائين تہ ”تون ايشور جي راڄ کان پري نہ آهين.“ انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو يسوع کان ڪو ٻيو سوال پڇي سگھي.


يسوع جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو اسان جي هن خط ۾ لکيل هدايتن تي عمل نہ ڪري تہ انهيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس واسطو نہ رکو، تہ جيئن شرمسار ٿئي.


تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان وڌوائون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ڦٽ لعنت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي صحيح ڳالهين ۽ ڌرمچاريءَ واري سکيا کي نہ ٿو مڃي ۽ ٻئي قسم جي سکيا ٿو ڏئي


اهو بہ لازمي آهي تہ ڪريتي وارا اسان جا وشواسي ڀائر ڀينر چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مگن رهڻ سکن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بي‌فائدہ جيون نہ گذارين.


غير وشواسين ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي ايشور جي مهما ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.


اهڙي نموني ئي اوهين وس هيٺ رهو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي مرضي اها آهي تہ نيڪ ڪم ڪرڻ سان اوهين مورکتا جون ڳالهيون ڪرڻ وارن مورک ماڻهن جا وات بند ڪري ڇڏيو.


۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ