Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 2:5 - Hindu Sindhi Bible

5 سمجھُو ۽ پوِتر هجن، گھر سنڀاليندڙ، ڪرپالو ۽ پنهنجن پتين جي وس هيٺ هجن، تہ جيئن ايشور جي سنديش جي بدنامي نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 سالم دل، پاڪ دامن، گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ ۽ مهربان، ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 سمجھُو ۽ پاڪدامن هجن، گھر سنڀاليندڙ، مهربان ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ جيئن خدا جي پيغام جي بدنامي نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 سمجھُو ۽ پاڪدامن ھجن، گھر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ، مھربان ۽ پنھنجن مڙسن جون تابعدار ھجن تہ جيئن خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 2:5
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يافا ۾ مسيح تي وشواس رکندڙ هڪڙي ناري رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ دان پُڃ ڪندي هئي.


تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي وڌوائون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا.


تنهنڪري اهو احتياط ڪر تہ جنهن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنهن کي ٻيا خراب نہ سمجھندا هجن.


اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون ايشور جي نالي خلاف نندا ڪن ٿيون.“


هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، ناريءَ جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو ايشور آهي.


نارين کي منڊلين جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي وس هيٺ رهندي خاموش رهن. اهو ئي نيم شاستر ۾ بہ فرمايل آهي.


اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي.


اي پتنيون! پرڀو يسوع جون هئڻ ڪري جيئن اوهان لاءِ مناسب آهي، تيئن پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهو.


اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.


جيڪي وشواسي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، سي پنهنجن مالڪن کي پوري مان‌سمان جي لائق سمجھن، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي نالي جي ۽ اسان جي سکيا جي بدنامي نہ ٿئي.


تہ جيئن جوان نارين کي اها سمجھہ ڏيئي سگھن تہ اهي پنهنجن پتين ۽ ٻارن سان پيار ڪن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ