Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:4 - Hindu Sindhi Bible

4 اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي ايشور پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجي جوت ڏيکاري، ساڻن پنهنجا وچن ٻڌائين ۽ کين نيم بخشيائين. اهي ئي حقيقي ڀڳتي ۽ سندس وچنن جا حقدار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي خدا پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجو جلوو ڏيکاريو، ساڻن پنهنجا عهد ٻڌائين ۽ کين شريعت عطا ڪيائين. اهي ئي حقيقي عبادت ۽ سندس واعدن جا حقدار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 اھي بني اسرائيل ئي آھن، جن کي خدا پنھنجا ٻار ڪري چونڊيو آھي. ھن کين پنھنجو جلوو ڏيکاريو ۽ کين پنھنجا عھد، شريعت، عبادت ۽ واعدا ڏنا اٿائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:4
61 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن کي وڌيڪ چيو تہ ”هڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ هڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


ايشور جو نيم موسيٰ جي معرفت مليو، جڏهن تہ ڪرپا ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت ملي.


جڏهن يسوع نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“


ايشور جو پوِتر آتما ڏيڻ وارو اهو وچن اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي پرڀو، اسان جو ايشور پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو ايشور جا وچن کين ئي سونپيا ويا آهن.


ڏسو، اوهان کي اها آتما نہ ملي آهي جيڪا اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اها آتما ملي آهي جنهن جي وسيلي اوهين ايشور جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ آتما جي ڪري اسين سڀيئي ايشور کي ”پتا، اي پتا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


هاڻ جيڪڏهن اهي مڪتي حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ ايشور جو انهن سان ڪيل وچن ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن


ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابرهام جي پيڙهيءَ مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان.


ايشور جا وچن بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابرهام ۽ سندس پيڙهيءَ سان ڪيا. ڏسو، پوِتر شاستر ائين نہ ٿو چوي تہ ”پيڙهين سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”پيڙهيءَ سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي منڊليءَ کان ٻاهر ۽ ايشور جي ٻڌل وچنن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن سنسار ۾ ايشور کان جدا ۽ نااميديءَ وارو جيون گذاريندا هئا.


هاڻي پوِتر خيمي جي سيوا بابت وڌيڪ سمجھاڻي هيءَ آهي تہ پهرئين ٻڌل وچن ۾ ڀڳتيءَ جا قاعدا هئا ۽ ڀڳتيءَ واري هڪڙي پوِتر جاءِ بہ هئي، جيڪا ڌرتيءَ تي


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پوِتر ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


پوِتر خيمي ۾ پردي جي پٺيان هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن کي پوِتر ترين جاءِ سڏبو هو.


صندوق جي مٿان پردار آڪاشي جيوَ جهڙيون ٻہ مورتيون ٺهيل هيون، جيڪي ايشور جي موجودگيءَ جي نشاني هيون ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون هيون. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي.


جيئن تہ انهن شين جو اهڙو انتظام ٿيل هو، سو پوِتر خيمي جي پهرئين ڪمري ۾ ڪاهن سيوا ڪرڻ لاءِ ڪنهن بہ وقت داخل ٿيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ